حاجي ابو طالب اگهمي

حاجي ابو طالب، اگهمي: هيءُ بزرگ خواجا محمد زمان لنواريءَ واري جو مُريـد هـو. هـن شام، عرب ۽ روم تائين مختلف هنڌن جو پيدل سفر ڪري، درويشن جون زيارتون ڪيون. هيءُ ’تارڪ دنيا‘ بزرگ ٿي گذريو آهي. بازار ۾ چڻا وڪڻي ٻڪريون چاري، انهن جي ان ڪتري پنهن جو گذر ڪندو هو. جيتوڻيڪ مرشد پاران مريد ڪرڻ جي اجازت مليل هئس، ان جي باوجود هيءُ پيري مريديءَ کان لهرائيندو هو. هن معرفت جي ماڳ ماڻڻ باوجود فقط ٻه مريد ڪيا، جن مان هڪڙو سيد محمد مدني هو، جيڪو عربستان جو وڏو بزرگ بڻيو ۽ ٻيو درويش محمد صالح کهڙوي هو. هن لاءِ روايت آهي ته هيءُ انتهائي سادگيءَ واري زندگي گذارڻ وارن بزرگن مان هو. شيخ ابوطالب اگهمي پنهنجي آخري عمر ۾، حيدرآباد جي ڏکڻ ۾ واقع سيدپور ڳوٺ ۾ اچي رهيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. جتي سندس مقبرو اڄ به موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو